احمد خان چانڊيو

احمد خان چانڊيو

احمد خان چانڊيو

احمد خان چانڊيو: ناميارو قومي ڪارڪن خان چانڊيو'>احمد خان چانڊيو، 1962ع ڌاري، گامڻ خان چانڊيي جي گهر ۾، تعلقي موري جي شھر نوان جتوئيءَ لڳ ڳوٺ هوت خان چانڊيي ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمريءَ تائين محدود هئي. سياسي دوستن جي صحبت ۾ اچي، هن ابتدا ۾ ’سنڌي پورهيت سنگت‘ ۾ ڪم ڪيو ۽ ان کانپوءِ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ’جيئي سنڌ محاذ‘ جو ڪارڪن ۽ مرڪزي عھديدار ٿي رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي ضياءُ الحق، ڦاسي ڏني هئي ته آمريت جي دؤر ۾ هن نوان جتوئي شھر کي زوريءَ بند ڪرايو هو. ان دوران هن جيئي سنڌ محاذ نوان جتوئيءَ جي بنيادي يونٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، پوءِ تعلقي موري، نوابشاهه ۽ نوشھري فيروز ضلعن جو عھديدار به ٿي رهيو. 1970ع کانپوءِ مشھور شاعر راشد مورائي ۽ استاد حيدري چانڊيي سندس ملاقات سائين جي. ايم. سيد سان ڪرائي. اڳتي هلي احمد خان، جيئي سنڌ محاذ ساهتي ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر، سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ مرڪزي رابطا سيڪريٽري به رهيو. هو محاذ جي ذيلي تنظيم ’سنڌي پورهيت سنگت‘ جو ٻه سال مرڪزي آرگنائيزر به رهيو. احمد خان چانڊيي کي قومي ڪارڪن ’ڪامريڊ‘ ۽ ’مامو احمد خان‘ به سڏيندا هئا. هن 2010ع واري مھا ٻوڏ ۾ ساٿين سان گڏجي، ٿرپارڪر ۽ لاڙ جي متاثر ماڻهن جي ڪافي پرگهور لڌي. احمد خان، قومي ۽ سياسي مسئلن تي ڪيترا مضمون ۽ ڪالم لکيا ۽ انٽرويو ڏنا. 7 جنوري 2012ع تي، جڏهن هُو موري مان جي. ايم. سيد جي سالگرهه جا ڪارڊ ورهائي موٽيو پئي، ته موري باءِ پاس تي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو. سندس يادگيرين ۽ قومي ڪارڪنن جي تاثرات تي ٻَڌل هڪ ڪتاب: ’ويڙا ڳُڻ ڇڏي‘، سندس ساٿي محمد هاشم کوسي، سھيڙي، جيئي سنڌ محاذ پاران ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ احمد خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو